پرل هاربر

پرل هاربر (Pearl Harbor): هونو لولو کان 10 ڪلوميٽر اولهه ۾ آمريڪا جو هڪ اهم بحري اڏو موجود آهي. آمريڪي حڪومت پهريون ڀيرو 1887ع ۾ ان کي جهازن لاءِ استعمال ڪيو. 7 ڊسمبر 1941ع تي جپاني پاڻيءَ جي جهازن ۽ هوائي جهازن بحرالڪاهل لاءِ آمريڪي بحري ٻيڙن تي حملو ڪيو، جيڪو پرل هاربر ۾ بيهاريو ويو هو. ويجهو ئي فوجي اڏن کي به
نشانو بڻايو ويو. اٺ آمريڪي جنگي بحري جهاز ۽ 13 ٻيا بحري جهاز ۽ 200 جهاز تباهه ٿيا، جڏهن ته ٽي هزار فوجي اهلڪار ماريا ويا، يا زخمي ٿيا. ان حملي سان گڏ ئي جپان ٻي عالمي جنگ ۾ جرمني ۽ اٽليءَ جو حامي بڻجي شامل ٿيو.


لفظ پرل هاربرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو